الهنواز ”نواز“ رُڪڻائي

الهنواز ”نواز“ رُڪڻائي

الهنواز نواز رُڪڻائي

الهنواز ”نواز“ رُڪڻائي: الهنواز ولد محمد عرس رُڪڻائي، 10 مئي 1930ع تي ڳوٺ رُڪڻ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو. نامور شاعر استاد بخاريءَ جو ننڍپڻ کان دوست ۽ همعصر رهيو آهي، ٻئي گڏ پڙهيا ۽ شاعري ڪيائون. سُٺو استاد، شاعر ۽ اديب هو. پرائمري استاد طور رٽائر ڪيائين. خانداني طرح ملاح هئڻ ڪري ٻيڙين ۽ درياهه سان واسطيدار معلومات ۾ وڏي ڄاڻ هئس. سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ لاءِ ”درياهي ٻولي ۽ جيوت“ بابت هڪ ڪتاب لکيائين، اهو ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جو درياهي لهجو“ عنوان سان اٿارٽيءَ پاران 2007ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. هو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا سيل ۾ وڏو مددگار رهيو. ان سلسلي ۾ هن دادوءَ ۽ نوشهري ضلعي جي درياهي پتڻن، ڍنڍن، ڍورن، واهن، نئين، ٻيٽن ۽ ريٽن تي تفصيلي تحقيق ڪئي هئي. شاهه لطيف جو وڏو پارکو هو. سندس شاعريءَ جو هڪ مجموعو ”ڇُليون منڇر ڇوليون“ 1998ع ۾ شايع ٿيو. سندس ٻيو ڪتاب، دادو تعلقي جي تاريخ تي ”دادو منهنجي دل“ 2007ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو.هو 13 فيبروري 2007ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1930.05.10  عيسوي

الهنواز ” نواز “ رُڪڻائي 10 مئي 1930ع تي ڳوٺ رُڪڻ ، ضلعي دادوءَ ۾ جنم ورتو


2007.02.13  عيسوي

الهنواز ”نواز“ رُڪڻائي 13 فيبروري 2007ع تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالحئي ڀٽو
سوامي پرمانند
احمد فراز
بشير منگي
دريا خان فقير 1
خواجه مير درد
اوج علوي
ائنا اخمتووا
منشي ٻالچند
سيد نجف علي شاهه ڪمتر نقوي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون